پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ، ڌريون گڏيل مفاهمت سان مسئلو حل ڪن: لاهور هاءِ ڪورٽ

0
160
لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي
=

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس امير ڀٽي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جو معاملو گڏيل مفاهمت سان حل ڪيو وڃي, چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس امير ڀٽي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي دوران ڌر بڻجندڙ ق ليگ جي وڪيل عامر سعيد چيو ته اسان جي ميمبرز کي قيد رکيو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان جو اميدورا چوڌري پرويز الاهي آهي، اجلاس ڪيو ۽ اتي هي مامرو ڏسو

چيف جسٽس چيو ته ڏسڻو آهي ته اجلاس اهڙي طرح ملتوي ڪري سگهجي ٿو يا نه, حمزا شهباز جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان به اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، جنهن تي جسٽس امير ڀٽي چيو ته اسان کي لاڳاپيل اختيارين کان پڇڻو آهي ته اليڪشن ڪيئن ٿيندي، سڀ جواب ڏين ته اليڪشن ڪيئن ٿيندي ۽ ان جو طريقيڪار ڇا آهي

سرڪاري وڪيل چيو ته حمزا شهباز جي درخواست ۾ ڪيتريون ئي حقيقتون لڪايون ويون آهن، جڏهن ته اعظم نذير تارڙ چيو ته وڏي وزير جي استعيفيٰ کانپوءِ هاڻي عهدو خالي ٿي ويو آهي

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ رڪارڊ آهي؟ جنهن تي هن چيو ته استعيفيٰ پهرين اپريل تي قبول ۽ 2 اپريل تي چونڊ شيڊول جو اعلان ڪيو ويو هو، اسان کي نامزدگي ڪاغذ مليا جن جي به ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا، 3 اپريل تي ووٽنگ لاءِ اجلاس سڏايو ويو

جنهن بعد چيف جسٽس امير حسين ڀٽي ڌرين کي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان چونڊيل وزيراعظم هو، هن کي پرويز مشرف سان نه ڀيٽايو: چيف جسٽس