نيو سعيد آباد / حيدرآباد (نمائندا) ناميارو تعليمي ماهر ۽ لغات نويس سيد شير علي شاهه 79 سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سيد شير علي شاهه هڪ سال کان بيمار هو. کيس سال اڳ فالج جو اثر به ٿيو. بيماري وڌي وڃڻ جي ڪري کيس سول اسپتال جي ميڊيڪل آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو جتي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سيد شير علي شاهه عرف شير شاهه پهرين جنوري 1940ع ۾ هالا جي ڳوٺ امين لاکو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري منصوره مدرسي مان 8 درجا پاس ڪيا ۽ مئٽرڪ جو امتحان هالا مان پاس ڪيو. هن سنڌي ۽ اڪنامڪس ۾ الڳ الڳ ايم اي جون ڊگريون به حاصل ڪيون. هو پرائمري استاد طور بيورو آف ڪريڪيوليم جي انتظام هيٺ هلندڙ ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ ۾ مقرر ٿيو. ايوب خان خلاف هلندڙ هلچل ۾ حصو وٺڻ تي کيس 1968ع ڌاري ضلع بدر ڪري حيدرآباد موڪليو ويو جتي هو ترقي ڪري ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپل ٿيو. هن 2000ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي ڊڪشنري بورڊ جو انچارج ٿيو. سندس نگراني ۾ سنڌي ڊڪشنري جا 4 جُلد شايع ڪيا ويا. سيد شير شاهه فارسي زبان جو به ڄاڻو هو. هن پونئيرن ۾ 7 پٽ ڊاڪٽر علي رضا شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه، عابد رضا شاهه، آصف رضا شاهه، ڪاظم رضا شاهه، شاهه زمان شاهه، پير شاهه، 5 نياڻيون ۽ بيواهه سوڳوار ڇڏي آهي. سندس مڙهه هالا ڀرسان ڳوٺ امين لاکو جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٽريننگ ڪاليج ۾ رهڻ جي ڪري ڪيترن ئي استادن جو استاد هو. سندس وفات تي علم ۽ ادب سان لاڳاپيل حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.