نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سِم نالي ۾ لاڳيتو چاڙهه بعد بندن تي دٻاءُ وڌي ويو

0
326
نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي

نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سِم نالي ۾ لاڳيتو چاڙهه بعد بندن تي دٻاءُ وڌي ويو، انتظاميا طرفان ٻاچڪن سان بندن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري آھي

 نئون ڪوٽ ۽ ٿر کي ميرپور خاص سان ڳنڍيندڙ پُل پنجين ڏينهن به پاڻي هيٺ آيل، هاڪڙو ڍوري کي گذريل ڏينهن 70 فُٽ جو لڳل گهارو ٻڌجي نه سگهيو، ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ، پراڻ ڍنڍ جي گهارن جو پاڻي چئني پاسن کان جهڏو شهر ۾ داخل ٿي ويو آھي

 ملوڪ شاهه درگاهه وٽ سِم نالي کي لڳل گهاري جا ٽئين ڏينهن به راڱا جاري آھن، گهر، درگاهون ۽ سرڪاري آفيسز پاڻي هيٺ اچي ويون، رستن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ 4 فُٽ تان پاڻي بيٺل آھي

سنڌڙي ڀرسان ڪنگهل ڍنڍ ۾ لاڳيتو چاڙهه سبب ڀرپاسي جي علائقن مان لڏپلاڻ جاري، هڱورنو ٽائون وج هيلٿ سينٽر ۽ مختلف پاڙا پاڻي هيٺ، 5 کان وڌيڪ يوسيز مان پاڻي نيڪال ڪرڻ انتظاميا لاءِ چئلينج بڻجي ويو

ھي به پڙھندا

بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ هر پاسي تباهي مچائي ڇڏي

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري، ھزارين گھر ڊھي پيا، لکين ماڻھو متاثر