سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري، ھزارين گھر ڊھي پيا، لکين ماڻھو متاثر

0
417

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري آھن، سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، گهرن ۾ 4 فٽ تائين پاڻي بيٺل، ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ پريشاني ٿي رھي آھي

پکو ۽ ڀرپاسي برسات سبب ڊهي پيل گهرن جو انگ 700 ٿي ويو، ڳوٺن کي گهيري ويٺل پاڻي نيڪال نه ٿيو، ملڪاڻي شريف ۾ جرڪس شاخ جو ٻڌل گهارو ٻيهر ٽٽي پيومنڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي

ملڪاڻي شريف ۾  200 فُٽ گهاري جي پاڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، ڄام صاحب شهر ۾ سِم نالن کي لڳل گهارن جو پاڻي داخل، شهر جي بس اسٽاپ سوڌو ڪيترائي پاڙا پاڻي هيٺ اچي ويا

خيرپور شھر ٻڏي ويو، سوين خاندان بندن ۽ محفوظ جاين ڏانھن رخ ڪري رھيا آھن، کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي آھي، حڪومت توڙي انتظاميا سندن ڪا بھ واھر نھ ڪئي، بي يارو مددگار بڻيل آھن

لاڙڪاڻي ۾ برسات رڪجي وئي آھي پر برسات سبب سوين گھر ڊھي پٽ پئجي وئي آھي، مختلف ڳوٺن۾ پاڻي بيھڻ ۽ گھر ڊھڻ سبب ماڻھو لاڙڪاڻي شھر جو رخ ڪري رھيا آھن، ڳوٺن ۾ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي آھي، شھر ۾ ڪراءِ جي جاءِ 20 کان 30 ھزارن ۾ ملي رھي آھي

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان واڌ جاري، پاڻي جي سطح وڌي 20 فُٽ 4 انچ ٿي وئي، سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ چاڙهه بعد منڇر مان پاڻي جو ڇوڙ به گهٽجي ويو آھي

جهانگارا، باجارا، بوبڪ، واهڙ، آراضي ۽ يوسي چنا جا سمورا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا، آبپاشي اختيارين جو چوڻ آهي ته منڇر ۾ پاڻي جي گنجائش 26 فُٽ آهي، وڌيڪ 4 فُٽن تائين پاڻي پاڻي جمع ٿي سگهي ٿو

سنڌوءَ ۾ چاڙهه سبب منڇر مان رڳو هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه، بندن تي دٻاءُ سبب گهارا: آبپاشي کاتي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا

چونڊڪو ۾ مختلف واقعن ۾ نينگري سميت 2 ڄڻا دٻجي فوت

بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ هر پاسي تباهي مچائي ڇڏي