ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل ڳوٺ  عبدالواحد گولو واسي 45 ورهين جو غلام سرور گولو کي 3 هفتا گذري وڃڻ باوجود پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. مغوي جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ تي وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿيل آهن. ان سلسلي ۾ مغوي جي ڀاءُ سيف الدين گولو جو چوڻ هو ته مغوي پنهنجي دڪان تي پهرو ڏيندو هو جتان مغوي کي 3 موٽرسائيڪل سوارن اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا.هن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا پوليس عملدارن سان مليا آهيون پر مغوي بازياب نه ٿي سگهيو جنهن سبب سخت پريشان آهيون مغوي جي وارثن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪنداسين.