ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر بي قابو:229.5 رپين تي پهتو: سون وري 300 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا لاٿ سان 147500 مان 147200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي مارڪيٽ ۾ سون 18 ڊالرن جي واڌ سان 1467 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا واڌ سان 229 مان 229.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 1.04 رپيا اضافي سان219.41 رپين تي پهتو، ٻئي پاسي  پائونڊ ۽ يورو 3، 3 رپين جي  واڌ سان  ترتيبوار 267 مان 270 ۽ 225 مان 228 رپين تي پهتا هئا