نئون ديرو ڀرسان ھيٿاربندن جي گهر تي ڪاھ، هڪ ڄڻو قتل

0
246

نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي ميھر شيخ مارجي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي جي ڳوٺ ھمت شيخ تي ھٿياربندن رات جي وقت ڪاهه ڪئي، ان دوران گهر ڌڻي سجاڳ ٿيا ته مٿن سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ گهر ڌڻي ميھر شيخ  گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي کي نئون ديرو اسپتال آڻڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو

 هٿياربند فرار ٿي ويا

ايس ايڇ او ڪيٽي ممتاز احمد علي اوڍو چيو آهي ته ميھر شيخ جو پنھنجي مائٽن سان ڪارنھن تڪرار ھلندڙ ھو، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، حد به چيڪ ڪيون پيا ته ڪيٽي ممتاز جي آھي يا خيرپور جي، وڌيڪ جاچ جاري آهي

جڏهن ته مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته مينهون چوري جي ڳالهه تان 5 سالن کان ناريجن ۽ شيخن سان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان جوابدارن علي شيخ، قربان، دربان سميت 8 هٿياربندن ميهر شيخ جي گهر تي حملو ڪري کيس قتل ڪيو آهي ۽ اڳ به اسان جا ٻه ڄڻا اياز ۽ مولا بخش شيخ قتل ڪيا ويا آهن