خيرپور ۾ ڊراما فيسٽيول شروع: پهرين ڏينهن ”لاٽ ٻرندي رهي“ پيش

0
231

خيرپور (رپورٽر) خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ پهريون اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو. گذريل رات ابراھيم کرل جو لکيل اصلاحي اسٽيج ڊرامو ”لاٽ ٻرندي رھي“ پيش ڪيو ويو. ڊراما فيسٽول جو افتتاح ايم پي اي منور علي وساڻ ڪيو. ڊرامي جو ڊائريڪٽر فھيم يحيٰ ڀٽو هو ،جڏھن ته ڊرامي ۾ سنڌ جي ناليوارن اداڪارن عبدالجبار گلال، تانيا سحر ملڪ ۽ ٻين حصو ورتو. ڏسندڙن ڊرامي کي گهڻو پسند ڪيو

بعد پ پ ايم پي اي منور علي وساڻ، علي روشن شيخ، آرٽس ڪائونسل جي صدر سانول ڳاھو، سيد اڪبر شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آرٽس ڪائونسل خيرپور علم، ادب ۽ فن جي واڌاري لاء ھميشه جاکوڙيندي رھي آھي. ياد رهي ته خيرپور آرٽس ڪائونسل طرفان ڊراما فيسٽيول ۾ پنجن ڏينهن تائين مختلف موضوعن تي ڊراما اسٽيج ڪيا ويندا.