سعودي اداڪارا اريج عبدالله جو فليٽ مان لاش هٿ

0
228

رياض (شوبز نيوز) سعودي اداڪارا اريج عبدالله قاهرا ۾ پنهنجي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آئي.عرب ميڊيا موجب 24 ورهين جي سعودي اداڪارا اريج عبدالله جو مصر جي گادي واري شهر قاهرا ۾ سندس فليٽ اندر لاش هٿ آيو

اريج جي موت جو اطلاع ان جي ملازم  پاران ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس اهلڪارن جي هڪ ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شروعاتي جاچ سان پتو پيو ته قتل جو ڪو به امڪان ناهي، موت کي طبي قرار ڏنو ويو.مصر جي اختيارين لاش سعودي عرب منتقل ڪرڻ لاءِ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو.