عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: ڪوٽڙي ڪلب ڪراچي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
692

عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي اهم ميچ ۾ ڪوٽڙي ڪلب ڪراچي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي. عمرڪوٽ جي ماروي گرائونڊ تي جاري 21هون آل سنڌ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻئي رائونڊ ۾ خانزاده ڪوٽڙي ڪلب ۽ ڪراچي معمار ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو

خانزاده ڪوٽڙي ڪلب پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 300 رنز جو هدف ڏنو، نعمان خان 6 ڇڪا ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 76رنز جي اننگز کيڏي، طيب علي 63 ۽ شان علي 28 رنز ٺاهيون. ڪراچي معمار طرفان وقاص احمد، شرجيل ۽ شاهد خان 2_2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ گلش معمار ٽيم 181 رنز تي ڍير ٿي وئي. ڪوٽڙي طرفان شان علي 40 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، ڪامران علي 3 ۽ عبدالمجيد 2 وڪيٽون ورتيون اهڙي طرح مين آف دي ميچ نعمان علي کي قرار ڏنو ويو، اڄ پهرين ڪوارٽر فائنل خانزاده ڪوٽڙي ڪلب ۽ دادو ڀان سيد آباد ڪلب ۾ ٿيندو.