مٽياري (رپورٽر) مٽياري ٿاڻي لڇمي ڪولهي جي پيءُ ويرو ڪولهي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ڌيءُ ڪجهه عرصو اڳ اسان وٽ گهمڻ آئي هئي ته هن پنهنجي سهري جي نالي مون کي شڪايت ڪئي  ته سهرو رامشي بي گناهه مون مٿان ڏاڍو تشدد ڪري ٿو، تنگ ڪري ٿو پر مون هن جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪئي، ڪالهه رامشي مون کي اطلاع ڏنو ته تنهنجي ڌيءَ جو گهر ٻاهران لاش مليو آهي، جنهن تي اسان اتي پهتاسين ۽ ڏٺوسين ته لڇمي کي ڳلي تي ڪارا نشان هئا، جنهن بعد معلوم ٿيو ته کيس سندس سهري ئي گهٽا ڏئي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي، جنهن تي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، ياد رهي ته نهن کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل رامشي ڪولهي پنهنجي ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪيو آهي. هوڏانهن جوابدار رامشي ڪولهي ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته اسان گهر ۾ ستل هئاسين ته ننهن گهر کان ٻاهر نڪتي، جنهن بعد ان دير ڪئي، جنهن تي آئون ان جي پويان ويس، جنهن بعد مون ڏٺو ته هو هڪ غير مرد سان بيٺي هئي، مرد مونکي ڏسندي ئي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو، پوءِ ننهن ڪري پئي، جنهن کي سندس ئي رئي سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، جوابدار موجب مون سان ٻيو ڪير به گڏ نه هوندو.