لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد گهنٽي ڦاٽڪ ريلوي پارڪنگ وٽ علائقي واسين ڦورو کي سوگهو ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس مبينا ڦورو کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عورتن پهچي مزاحمت ڪندي کيس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران عورتن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي بعد ۾ پوليس مبينا ڦورو کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي عورتن ٻڌايو ته اسان شادي جي تقريب ۾ وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ پوليس اسان جي نوجوان کي ڦورو ڄاڻائي گرفتار ڪيو آهي. ان حوالي سان دڙي پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ رحمت پور واسي طارق ڪورائي طور ٿي آهي جيڪو شهري کان ڦر جي ڪوشش ڪري رهيو هو اطلاع تي بروقت پهچي کيس گرفتار ڪيو جنهن تي ڦورو جي وارث عورتن مزاحمت ڪئي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڦورو جي ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ اهڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.