حڪومت بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي

0
426
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي حڪومت ٽيڪنيڪل بنيادن تي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام بڻائڻ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني ماهرن وزيراعظم کي بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون آهن، جنهن ۾ پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبرن بابت اسپيڪر کي خط لکڻ به شامل آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙن ميمبرن جي مبينا لسٽ اڳ ئي عمران خان وٽ موجود آهي، وزيراعظم کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اسپيڪر کي درخواست ڪئي وڃي ته حڪومتي پاليسي جي خلاف ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ نه ڏنو وڃي

ذريعن موجب اها به تجويز ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن اهي ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪن ته انهن جي ووٽن کي ڳڻپ ۾ نه ڳڻيو وڃي، اسپيڪر اهڙن ميمبرن بابت ايوان ۾ ووٽنگ جي دوران يا ڳڻپ جي دوران آگاهه به ڪري

ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ اسپيڪر کي اهو به چيو ويندو ته اهڙن ميمبرن خلاف نااهلي جو ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو وڃي

ان کان علاوه تجويز ڏني وئي آهي ته وزيراعظم جي خط کي بنياد بڻائي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام قرار ڏيڻ جي رولنگ ڏيئي

ھي به پڙھندا

عمران خان بندوق جون ڌمڪيون ڏنيون، برداشت نه ڪنداسين، ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ اسان جي خاندان ۽ پارٽيءَ قربانيون ڏنيون: بلاول