عمران خان بندوق جون ڌمڪيون ڏنيون، برداشت نه ڪنداسين: بلاول

0
940
عمران خان بندوق جون

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪالهه قوم جي سامهون وزير اعظم عمران خان پاران آصف علي زرداري کي بندوق جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، ان کي برداشت نه ڪيو ويندو، هن ملڪ لاءِ، جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اسان جي خاندان ۽ پارٽيءَ قربانيون ڏنيون آهن

اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو هڪ شاندار عوامي مارچ هو، جنهن جو پاڪستان جي شهر مان گذرندڙ ماڻهن جي وڏي انگ پاران استقبال ڪيو ويو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام هن غير جمهوري حڪومت تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي

وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خان صاحب اسان هاڻي ٻار نه رهيا آهيون، جو سمجهو ٿا ته ڊڄي وينداسين ۽ پوئتي هٽي وينداسين، هن رڳن ۾ زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو رت آهي،  جيڪو مان اوهان سان ڪندس توهان جون نسلون نه ويساريندا، هن چيو ته ڪالهه جيڪا بندوق جي ڳالهه ٿي آهي اسان ڪڏهن به بندقو استعمال ناهي ڪئي پر استعمال ڪرڻ ڄاڻون ٿا، جمهوريت تي يقين رکون ٿا، پر امن ماڻهو آهيان ۽ پر امن رهندس، توهان اسان سان سياست ڪيو، سياست ڪرڻ توهان جو ۽ اسان جو حق آهي، توهان اسان کي زندگي ۽ موت جي ڌمڪي ڏيندئو ته ان جا نتيجا به پاڻ کي برداشت ڪرڻو پوندئو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 30 سالن کان صدر زرداري تي ڪرپشن جا الزام ٻڌي رهيا آهيون، اهڙا ڪيترائي اسڪرپٽ سامهون آيا پر صدر زرداري هڪ ڏينهن به نه جهڪيو، هن چيو ته مان اڄ به وزيراعظم کي چئلينج ڪريان ٿو ته اهي الزام عدالت ۾ ثابت ڪري پر توهان ثابت نه ٿا ڪري سگهيا آهيو ڇو ته اهي سمورا ڪوڙا ڪيس اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ ٺاهيا هئا

پ پ چيئرمين چيو ته کيس (عمران خان) کي شرم ناهي، هن پنهنجي ماءُ جي نالي تي اسپتال جو پئسو ڦري پارٽي هلائي، آمريڪي عدالت سندس خلاف فيصلو ڏنو پر اوهان ٻين تي الزام لڳائي رهيا آهيو، هن چيو ته مون ڪڏهن به خاتون اول بابت غلط زبان استعمال ناهي ڪئي پر خاتون اول جي ڪرپشن بابت جيڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن ان جي باري ۾ توهان ڇا چوندئو، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۾ ڪا به بدلي ۽ پوسٽنگ نٿي ٿي سگهي جيستائين خاتون اول کي پيسا نه نٿا ڏنا وڃن

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان کي شرم نه ٿو اچي ته اوهان مولانا فضل الرحمان خلاف اهڙي ٻولي استعمال ڪريو ٿا، مولانا جي خاندان سان 1971 کان اسان جا سياسي اختلاف آهن پر مون ڪڏهن به مولانا فضل الرحمان خلاف غلط ٻولي استعمال ناهي ڪئي، هن چيو ته عمران خان اڪرام الله نيازي جو پٽ آهي جنهن کي قائداعظم ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيو هو، اسان کي به خبر آهي ته گاريون ڏيڻ اچن ٿيون پر مان بينظير ڀٽو جو پٽ آهيان، اسان جي تربيت اهڙي ناهي جو عمران خان جهڙي ٻولي استعمال ڪريان

پ پ چيئرمين آءِ ايس آءِ ۽ ايجنسيز کان آصفه ڀٽو کي ڊرون لڳڻ واري معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته سينٽرل پنجاب ويندي آصفه تي ڊرون حملو ٿيو، نيوز  چئنل جي مالڪ ۽ انتظاميا لکت ۾ معافي ورتي آهي، اسان کي حڪومت تي اعتماد نه آهي، آءِ ايس آءِ ۽ ايجنسيز ڊرون حملي جي جاچ ڪرائين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر جي سمورين پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چونڊ سڌارن کانپوءِ جلد کان جلد صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، اسان جو ڪو به سياسي اتحاد ناهي، اسان سڀ سيليڪٽڊ کي ڪڍڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون

ھي به پڙھندا

پهرين نشاني تي زرداري هوندو، عدم اعتماد کٽڻ کانپوءِ هنن کي نه ڇڏيندس: وزيراعظم