عدم اعتماد عمران خان جي لاءِ تحريڪ اطمينان بڻجي ويندي: شيخ رشيد

0
234
دعا آهي اتحادي عمران خان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شڪر آهي مخالف ڌر هاڻي چئي رهي آهي ته امپائر غير جانبدار آهي، هنن کي جڏهن هارڻو آهي ته ان تي قائم به رهڻو آهي، ٿرڊ امپائر جو نئون کاتو نه کولن

اسلام آباد ۾ ميڊا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عدم اعتماد عمران خان جي لاءِ تحريڪ اطمينان بڻجندي، اسپيڪر جڏهن چاهي اجلاس گهرائي، عدم اطمينان تي ايم اين ايز اپوزيشن سان اپريل فون ملهائيندي

هن جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جون 3 پارٽيون پنهنجي گڏيل مفادن ۾ گڏ ٿيون آهن، سندن پنهنجي ذات جو ۽ عمران جي احتساب جو خوف آهي

يورپي يونين جي حوالي سان وزيراعظم جي بيان تي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته ذوالفقار ڀٽو پرڏيهي پاليسي قوم جي سامهون رکندو هو، جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان به قوم جي سامهون رکيو ته ڇا ٿيو، اسان ڪنهن بلاڪ جو حصو ناهيون، اسان سڀني سپر پاور سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا

هن وڌيڪ چيو ته يقين آهي ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم سان گڏ بيٺي آهي ۽ پير پاڳارو به ساڻس گڏ هوندو، پنجاب جي سياست تي ڪير به ڳالهائي نٿو سگهي

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته هن ملڪ ۾ ٻه ڀيرا عدم اعتماد پيش ٿيون، ميمبرن کي مري، ڇنگا مانگا ۽ سوات نيو ويو، ان وقت ڪوئي ڊڪٽيٽر شپ نه ٿي،  هاڻي اپوزيشن 172 ميمبرز آڻيندي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو ڪو به ماڻهو ووٽر جي توهين ڪندو جنهن کي عمران خان جي ڪري ووٽ مليا ته اسپيڪر ان خلاف ڪارروائي ڪندو ۽ کيس نااهل قرار ڏيندو

بلاول ڀٽو جي حوالي سان گهرو وزير چيو ته بلاول کي ڪجهه به نه چئو، بلاول کي ان جي ئي حال تي ڇڏي ڏيو