مٽياري ڀرسان مال گاڏيءَ جون 2 بوگيون پٽڙي تان لھي ويون

0
240

مٽياري (ن پ ا) مٽياري ڀرسان جسڪاڻي ڦاٽڪ وٽ لاهور کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي ٽرين جون ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جنھن جي ڪري ريلوي ٽريڪ بند ڪري ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، ريلوي پوليس جو چوڻ آھي تھ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي پٽڙي ٽٽڻ سبب ٻين گاڏين جي لاءِ ٽريفڪ بند ڪئي وئي آهي.