ڪراچي:اين اي 249 تي ننڍي چونڊ جا نتيجا تڪراري بڻجي ويا

0
253
مڪاني چونڊن جون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ جا نتيجا تڪراري بڻجي ويا، ننڍي چونڊ ۾ شڪست ملڻ تي نواز ليگ اُميدوار مفتاح اسماعيل چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو، مفتاح اسماعيل ڪجهه پرزائيڊنگ آفيسرز جي روين تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 30 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا کين نه ڏنا ويا، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب پ پ ۽ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آر او طرفان مفتاح اسماعيل کي اڃا تائين مهر لڳل فارم 45 جاري نه ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي عملي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن اين اي 249 جي 21 پولنگ اسٽيشنز جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ اُميدوارامجد آفريدي طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.