مٽياري: عدالت پاران اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم

0
238
مٽياري: عدالت پاران اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم
مٽياري: عدالت پاران اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم

مٽياري (ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد مٽياري ضلعي جي 24 کان مٿي پي ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي اميدوارن کي آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

2013  ۾ اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ تي اميدوارن وڪيل پيرل مجيداڻو ۽ ظهير جاني سومرو جي ٿرو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي

وڪيل چيو آهي ته عدالتي حڪم بعد سيڪريٽري تعليم ڪميٽي جوڙي اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جيڪو عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي

جڏھن ته 24 اميدوارن کانپوءِ ٻين 54 اميدوارن به ساڳئي وڪيلن جي معرفت عدالت ۾ ٻي پٽيشن پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي

 

ھي به پڙھندا

 

خيرپور: مقتول ڊاڪٽر محمد نواز اڄڻ جي قبر ڪشائي، لاش جا جزا ورتا ويا