مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ويجهو ڳوٺ رحيم خان مشوري واسي ظفر علي مشوري ۽ ڳوٺ محمد خان مشوري واسڻ عظمه ڌيءُ عبدالله مشوري جي پسند جي شادي کان پوءِ پلاند عيوض اغوا ٿيل ٽنهي ڄڻن کي مٺياڻي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي. ڳوٺ رحيم مشوري واسي ظفر مشوري ۽ ڳوٺ محمد خان مشوري واسي عظمه مشوري جي پسند شادي تان عظمه جي مائٽن پاران پلاند عيوض اغوا ڪيل نوجوان جي پيءُ الهه رکيو، ڀاءُ افضل ۽ سئوٽ مجاهد مشوري کي ڳجهي اطلاع ملڻ تي مٺياڻي ۽ نوشهروفيروز پوليس گڏيل ڪاروائي ڪري نوشهروفيروز ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان مشوري لڳ بازياب ڪرائي ورتو. جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف بازياب ٿيل الهه رکيو مشوري ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان کي عظمه جي وارثن محمود مشوري، محرم مشوري، پيرل، رياض، منصور ۽ شعبو مشوري پنهنجي ڳوٺ رحيم مشوري جي ٻاهران ڏيپر واري مشين وٽان اغوا ڪري کڻي ويا جتي هنن اسان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ عظمه جي واپسي جو چيو ويو. اسان کي تحفظ ڏئي اسان ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.