رتوديرو (رپورٽ: عبد الله ڀٽو) ڪراچي ۾ رتيديري واسي نوجوان ۽ سندس زال جي قتل وارو مامرو، مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل، جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا، مقتول نوجوان جو مڙهه رتو ديرو ۽ سندس زال جو مڙهه ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي. خبر موجب گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 18 جي فليٽ نمبر 602 ۾ فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل جعفر ابڙو جو لاش گذريل رات دير سان رتيديري آندو ويو ۽ کيس اباڻي قبرستان طيب ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته سندس زال فوزيا جو مڙهه ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو. جعفر عرف واجد ابڙو ۽ سندس زال فوزيا جي قتل جو ڪيس حد واري ٿاڻي شاهراه فيصل تي ڪراچي ۾ رهائش پذير مقتول جي ڀاءُ فرحان ابڙو جي فرياد تي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل فوجي جلباڻي جي پٽ عزير جلباڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي. داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته عزير جلباڻي پنهنجي ٻن هٿياربند ساٿين سان گڏجي صبح جو 8:30 وڳي فليٽ تي اچي فائرنگ ڪري جعفر ابڙو ۽ ڀاڄائي فوزيه کي قتل ڪيو، هوڏانهن شاهراه فيصل ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ قاتلن جي سڃاڻپ ٿي وئي آھي، جلد ڪارروائي ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. ان حوالي سان نوجوان جعفر ابڙو جو تڏو رتيديري ۾ شاه لطيف ڪالوني ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس وارثن سان سياسي، سماجي، مذھبي اڳواڻن توڙي شھرين وڏي انگ ۾ پهچي تعزيت ڪئي.