ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ نينگري سان زيادتي جو جوابدار گرفتار ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ 3 ڏينهن اڳ ميهڙ شهر 12سالن جي نينگري فوزيامهيسرسان جنسي ڏاڍاي ڪندڙ جوابدار عبدالرحمان تيوڻو کي ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ميهڙ ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف متاثر نينگري جو طبعي معائنو ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽرياڻي پنهنجي ابتدائي رپورٽ ۾ نينگري سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪئي آهي.