حيدرآباد( بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي تي آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ جي پٽ عمر ميمڻ تي زال کي تشدد ڪري مارڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايريگيشن آفيسر ڪالوني ۾ هڪ ڏينهن اڳ جوابدار عمر ميمڻ تشدد ڪري زال قرت العين عرف عيني ماري هئي. پوليس جوابدار کي اسپتال مان ئي تحويل وٺي ڇڏيو هو. مقتولا قرت العين جي ڀاءِ اسدالله بليدي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قرت العين تي مڙس عمر ميمڻ تشدد ڪندو رهندو هو. 14 جولاءِ تي ڀيڻ قرت العين تي مڙس عمر ميمڻ تشدد ڪيو، 15 جولاءِ تي جوابدار عمر ميمڻ زال جي فوت ٿيڻ جو اطلاع وڏي پٽ سيف الله کي فون تي ڏنو جنهن بعد اسپتال پهتاسين ته ڀيڻ جو لاش سول اسپتال ۾ پيل هو. فريادي موجب ته ڀيڻ جي لوندڙي تي ڌڪ لڳل هو جڏهن ته سندس هٿن ۽ ٻانهن تي پڻ تشدد جا نشان هئا. هوڏانهن ايس پي سٽي علينه راڄپر مقتولا جي معصوم نياڻي ۽ ڀاءِ سان گڏجي سندس مڙس جي گهران موبائل فون ٻيون شاهديون به هٿ ڪري ورتيون آهن. قرت العين جي معصوم نياڻي جو به پوليس بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيو آهي. مقتولا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرياڻين به ابتدائي طور رپورٽ ۾ تصديق ڪئي آهي ته ناري جو موت تشدد سبب ٿيو آهي ٻئي طرف اڄ گرفتار جوابدار کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.