ڀٽ شاھ :  پيرآف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاھ لطيفي پنھنجي فقراء جماعت سان شاھ لطيف جي درگاھ تي پھچي ھرسال جيان ذڪر سماع ڪئي ، ان موقعي تي سندس فرزند سيد جمال شاھ ، راڳي فقير منٺار جوڻيجو ۽ ٻيا به  گڏ موجود ھئا ، سيد گداحسين شاھ جو چوڻ ھو ته مرشد لطيف جو عرس مبارڪ برساتن سبب تمام گھڻي سادگي سان ملھايو آھي سنڌ سموري ٻڏي وئي آھي ماروئڙا تمام گھڻن تڪليفن ۾ آھن ان جي ڪري لکين پانڌيئڙا ميلي ۾ ن، اچي سگھيا آھن اسان دعا ڪريون ٿا ته جلد مصيبتون ختم ٿين ۽ اسان جي سنڌ جي ماروئڙن جون تڪليفون ختم ٿين ، اھي ميلا وري ٿيندا رھندا.