ميرپورٻرڙو(ن پ ا) مرزا شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن دلدار ڪٽو،عبدالستار سومرو،نظر محمد بروهي، لعل محمد ٻرڙو، رزاق سومرو ۽ غلام حسين بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو .اڳواڻن چيو ته پاڻي شديد کوٽ ڪري ساريالو فصل سڪي سڙي رهيو آهي،ساريالو فصل سڪي تباھ ٿيڻ سبب لکين ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي، پنجاب ۾ پاڻي وڌندو آھي ته اسان کي ٻوڙيو  ويندو آهي پاڻي جي کوٽ آهي ته سنڌ کي سڪائي ماريو پيو وڃي اسان جو سفر گذر فصل تي آهي فصل سڙي ويو ته ڇا کائينداسين؟ خدارا پاڻي ڏئي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.