حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي جي علي آباد واري علائقي مان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل ناري جي اغوا جو  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اهو ڪيس ناري جي ڀاءُ محمد عظيم پٽ عبدالعزيز بروهي جي فرياد تي وسيم جهتيال، نصير جهتيال ۽ پپو ميگهواڙ سميت چئن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي جو موقف آهي ته سندس ڀيڻ ڪوثر جي 2 سال اڳ انهن ناصر بروهي سان شادي ڪرائي هئي جنهن جو مڙس دبئي ۾ ڪم ڪندو آهي ان ڪري ڀيڻ ساڻن گڏ رهندي هئي. 28 آگسٽ تي رات گهر ۾ وسيم جهتيال، نصير جهتيال ۽ پپو ميگهواڙ آيا جن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي خاموش رهڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ ڀيڻ ڪوثر کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب 3 ڏينهن اڳ ڄاڻايل علائقي ۾ ناري کي مبينا طور قتل ڪرڻ جا افواهه هئا. ڄاڻايل ناري قتل نه پر مبينا طور گهران اغوا ٿي آهي جنهن بابت سندس ڀاءُ ڪيس به داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڪيس داخل ڪرڻ بعد انهن جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي چاهيندڙ سان مبينا طور گهران فرار ٿي آهي.