ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي محمود آباد واسڻ پيرسن عورت سارا شاهه ميرپورخاص پريس ڪلب تي احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجي والد نظر محمد شاهه جي زمين بدين شهر جي علائقي غريب آباد ۾ آھي، جيڪا ساڍا 5 گھنٽا آھن، جنهن تي بااثرن جو قبضو آھي، جيڪي اسان کي زوري رقم عيوض وڪرو ڪرڻ جو چئي رھيا آھن، پر اسان پنھنجي ملڪيت وڪرو ڪرڻ نٿا چاهيون، منع ڪرڻ تا بااثرن اسان کي بدين شھر ۾ گهرائي منھنجي ڀيڻويي کي مارڪٽ ڪئي ۽ اسان کي مخلتف طريقن سان ھراسان ڪيو پيو وڃي. هن وس وارن کان تحفظ ۽ انصاف جي گهر ڪئي.