ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته موجوده حڪومت تيل اگهه وڌايا آهن، بجلي جون قيمتون  به وڌائيندي، مهانگائي جو طوفان ايندو، صنعتون بند ٿي وينديون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته انتهائي ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، شهبازشريف کي غلط انگ اکر ٻڌايا پيا وڃڻ، قرض 18 ٽريلن ضرور آهي پر معيشت به وڌي آهي، معيشت وڌي ته قرض به وڌيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي خطاب تي ردعمل ڏيندي اسد عمر چيو ته شهبازشريف جي واتان ڪرپشن تي ليڪچر نٿو ٺهي، هي حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت ئي نٿا رکن، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته هي چوندا هئا ته اسان اقتدار ۾ اينداسين ته سڀ شيون سستون ڪنداسين، شهبازشريف مقصود پٽيوالي جا پيسا قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي پوءِ ڪرپشن تي ليڪچر ڏئي.