دل تي پٿر رکي پيٽرول اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو: وزير اعظم

0
147
احتساب عدالت وزيراعظم جي

لاهور: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهيل آهن، دل تي پٿر رکي پيٽرول اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 28 ارب رُپين جي فنڊز سان رليف پيڪيج شروع ڪيو آهي، پيڪيج تحت غريب خاندانن کي ماهوار 2 هزار رُپيا ڏنا ويندا

مني لانڊرنگ ڪيس تي ٻڌڻي دوران لاهور جي عدالت ۾ وزيراعظم چيو ته سدائين صوبي جي خدمت ڪئي آهي، سرڪاري خزاني مان ڪڏهن به پگهار ۽ ٽي اي ڊي اي نه ورتو

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مون شگر ملز کي به سبسڊي نه ڏني هئي، جنهن سبب منهنجي خاندان کي 2 ارب رُپين جو نقصان ٿيو