لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي، آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس باقر نجفي جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست گڏيل طور منظور ڪئي. عدالت شهباز شريف کي 50-50 لک رپين جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ شهباز شريف جي ضمانت واري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اسجد جاويد جي اختلافي نوٽ تي چيف جسٽس قاسم خان فل بينچ جوڙي ڇڏي هئي. نيب پراسيڪيورٽر شهبازشريف جي ضمانت رد ڪرڻ جي حق ۾ جسٽس اسجد جاويد جو فيصلو پڙهيو، ان فيصلي مطابق، شهبازشريف جي اڪائونٽس ۾ ڳري رقم جون ٽي ٽيز آيون، شهبازشريف خاندان فنڊن جي ذريعن جو جواز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، شهبازشريف جي وڪيل جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت سياسي اثر رسوخ سبب نيب جاچ شروع ڪئي، ڪنهن به شاهد شهبازشريف کي گناهه گار قرار نه ڏنو آهي.