ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون: 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچايو ويو

0
52
ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون: 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچايو ويو
ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون: 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچايو ويو

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي، پولنگ لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچايو ويو، سموري ملڪ ۾ 90 هزار 650 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون

 ووٽرز قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي 855 تڪن تي پنهنجن اميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪندا، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ وقت اصلي سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ لازمي آهي

 مُدي خارج سڃاڻپ ڪارڊ تي به ووٽ وجهي سگهجي ٿو، پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي، تڪ جو غير سرڪاري غير حتمي نتيجو رٽرننگ آفيسر جي آفيس مان جاري ٿيندو

پولنگ اسٽيشن جا نتيجا پولنگ ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ بعد جاري ڪري سگهبا، پرزائيڊنگ آفيسرز کي ماجسٽريٽ جا اختيار هوندا