سکر (بيورو رپورٽ) جاڳرتا فورم پاران کاٻي ڌر جي شهيد اڳواڻ نذير عباسيءَ جي 41هين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي جاڳرتا فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام رسول گھمري، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري  جنرل امداد قاضي، ممتاز منگي، فيض سومري، نبن ساکاڻي، گلشير شر، مالڪ کوسي  چيو ته پاڪستان اندر ھميشه اسٽبليشمنٽ ۽  عوام دشمن عنصرن جي حڪمراني رهي آهي. ان ڪري جيستائين عوام پاڻ پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ عملي ميدان ۾ نه نڪرندو تيستائين حقيقي سماجي تبديلي ممڪن ناھي. هنن چيو ته نذير عباسيءَ جو مشن ملڪ جي مظلومن، ھارين ۽ پورھيتن جي جدوجھد کي ھٿي ڏيڻ ھو. ان مقصد خاطر ھن پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. تقريب کي مير منور ٽالپر، ثريا مخدوم، حڪيم زنگيجي، علي مردان شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته بلوچستان جي قومپرست سياستدان عطاءُ الله مينگل، اديب غلام رسول رنگريز ۽ ڪھاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جي گهرواريءَ جي وفات تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي.