ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاهور جي مختلف علائقن ۾ مصنوعي برسات

0
204
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاهور جي مختلف علائقن ۾ مصنوعي برسات
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاهور جي مختلف علائقن ۾ مصنوعي برسات

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مصنوعي برسات وسائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو، لاهور جي 10 علائقن ۾ مصنوعي برسات لاءِ 48 فليئرز فائر ڪيا ويا

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسموگ ۽ ماحولياتي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ لاهور ۾ مصنوعي برسات وسائي وئي

هن چيو ته جلد اسموگ ٽاورز به نصب ڪيا ويندا، مصنوعي بارش جو تجربو تمام ضروري هو، مصنوعي برسات جي تجربي ۾ متحده عرب امارات جي ٽيم مدد فراهم ڪئي، لاهور جي 10 علائقن ۾ تجربي دوران هلڪي ڦلڪي برسات ٿي