اڳوڻو وفاقي وزير همايون اختر استحڪامِ پاڪستان پارٽي ۾ شامل

0
102
اڳوڻو وفاقي وزير همايون اختر استحڪامِ پاڪستان پارٽي ۾ شامل
اڳوڻو وفاقي وزير همايون اختر استحڪامِ پاڪستان پارٽي ۾ شامل

تحريڪ انصاف جو اڳوڻو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير همايون اختر استحڪامِ پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي ويو

 همايون اختر آءِ پي پي جي سربراهه جهانگير ترين سان ملاقات بعد استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

 گڏيل پريس ڪانفرنس دوران همايون اختر چيو ته 9 مئي جي واقعن کانپوءِ مون پي ٽي آءِ کان علحدگي اختيار ڪئي هئي، آءِ پي پي جي قيادت تي ڀروسو آهي

هن چيو ته پارٽيءَ جي قيادت سان مشاورت بعد فيصلو ڪندس ته اليڪشن ڪٿان وڙهڻي آهي

 جهانگير ترين همايون اختر جي پارٽيءَ ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته اسان جا همايون اختر سان پراڻا لاڳاپا آهن، 9 مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿي آهي