ملير(رپورٽر) پارڪو آئل ڪمپني جي لائين مان لکين رپين جو ڪروڊ آئل چوري، ٽينڪر ڊرائيور گرفتار 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ملير جي شاهه لطيف پوليس پارڪو جي لائين مان چورايل لکين رپين جي ماليت جي ڪروڊ آئل سان ڀريل ٽينڪر هٿ ڪري ڊرائيور محمد حسين کي گرفتار ڪري ورتو، ڊرائيور جي نشاندهي تي ملير ندي ۾ بيلي باغ ويجهو پارڪو لائين مان ڪروڊ آئل چوري ڪرڻ لاءِ لڳايل لائين هٿ ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او شاهه لطيف ٻڌايو ته پارڪو لائين مان چورايل ساڍا 26 لکن جي ماليت جو 16 هزار لٽر ڪروڊ آئل هٿ ڪيو آهي، هن چيو ته ٽينڪر ڊرائيور محمد حسين ٻڌايو ته تيل چوري ۾ دائود خلجي پٺاڻ، دلاور خلجي پٺاڻ، ياسر حفيظ، نور محمد لاشاري عرف نورو ۽ ظهير بلوچ شامل آهن،پوليس موجب گذريل ٽن سالن کان پارڪو لائين مان تيل چوري ڪري وڪرو ڪيو ويندو هو، ٻئي طرف آزاد ذريعن موجب پوليس تيل چوري جي مُک جوابدار دلاور  پٺاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو