ملائڪه اروڙا جي منڊي واري تصوير وائرل

0
324

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي فٽنس راڻي ملائڪه اروڙا جي مندي سان گڏ تصوير مداحن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا سائٽ اننسٽاگرام تي ملائڪه طرفان پنهنجون ٻه تصويرون شيئر ڪندي هڪ پوسٽ لکي وئي. ملائڪه پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هي منڊي خواب جيان آهي مون کي هن سان تمام گهڻي محبت آهي.اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ منڊي جي برانڊ کي ٽيگ ڪندي لکيو ته خوشي جي شروعات هتان کان ٿيندي آهي جيڪڏهن اوهان پنهنجي زندگي ۾ موجود محبت بابت سوچي رهيا آهيو ته ان جي اها منڊي تمام گهڻي خوبصورت آهي. ملائڪه پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اوهان پنهنجي منڊي کي ڪسٽمائزڊ به ڪري سگهو ٿا. ڇا هي دلچسپ ناهي؟تصويرن ۾ ملائڪه جي منڊي ڏسي اهي افواهون به گردش ڪرڻ لڳيون آهن ته ملائڪه اروڙزا پنهنجي بواءِ فرينڊ ارجن ڪپور سان مڱڻي ڪري ورتي آهي پر بعد ۾ خبر پئي ته ملائڪه جي تصوير ۽ پوسٽ هڪ زيورن جي برانڊ جي پروموشل پوسٽ جي حوالي سان آهي.