ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آئي جي سنڌ طرفان مفرور ۽ اشتهاري ڏوهارين جا بينڪ اڪائونٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي خط لکڻ جو حڪم، غلام نبي ميمڻ چيو ته مفرور ڏوهارين کي اشتهاري قرار ڏئي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ  آءِ ٽي شعبي بابت اجلاس ٿيو. ڊي آءِ جي آءِ ٽي ۽ ڊائريڪٽر آءِ ٽي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليس ڇاپن، ناڪابندي ۽ اسنيپ چيڪنگ دوران ڊوائيس ايپ ذريعي 216 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، 9 اشتهارين ۽ 21 مفرور جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو. آئي جي سنڌ چيو ته مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پندرهن ڏينهن واري خصوصي مهم شروع ڪئي وڃي، پندرهن ڏينهن مهم دوران سنڌ جي مختلف ضلعن جي مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي مڪمل تفصيلن تي مشتمل ڊيٽا کي اپڊيٽ ڪيو وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته جن مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي ڊيٽا مڪمل آهي انهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي خط لکيا وڃن، مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي فنانس اينڊ ويلفيئر سنڌ، ڊي آءِ جي آءِ ٽي، ڊي آءِ جي فنانس سميت ايڊمن سي پي او ۽ اسٽيبلشمينٽ ون سنڌ شرڪت ڪئي.