مٺي(رپورٽ ممتاز نهڙيو) مٺي ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ دوران گرڊ مان بجلي بند نه ڪرڻ ڪري ڪم ڪندڙ لائن مين سنجي مهراج ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو جنهن جي جاچ ڪميٽي رپورٽ حيسڪو چيف حوالي ڪري ڇڏي آھي رپورٽ بعد ايس ڊي او واپڊا سب ڊويزن مٺي جي فرياد تي گرڊ اسٽيشن جي انچارچ مهيش ڪمار ۽ واپڊا آفيس جي آفيس سپريڊنٽ غلام رسول راهمون خلاف غفلت ۽ لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪري مهيش ڪمار کي گرفتار ڪري غلام رسول راهمون جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن.