ممبئي (شوبز نيوز)مشهور ڀارتي موسيقار شرون راٺوڙ ڪورونا سان جهيڙيندي 66 سالن جي عمر ۾ زندگيءَ جي بازي هارائي ويٺو.ڀارتي ميڊيا موجب شرون راٺوڙ جي موت جي تصديق سندس ساٿي موسيقار نديم سيفي ڪئي، هن ميڊيا سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پوري زندگي گڏ گذاريو پر هاڻ شرون اسان سان گڏ ناهي.ياد رهي ته شرون راٺوڙ 90 جي ڏهائي ۽ 2000 جي شروعات ۾ مشهور موسيقار هو، هن ۽ سندس پارٽنر نديم سيفي 90 جي شروعات ۾ فلم عاشقي، ساجن، سڙڪ، ڦول اور ڪانٽي، ديوانا، راجا، اگني ساڪشي، جيت، هم هين راهي پيار ڪي ۽ پرديس سميت ڪيترن ئي البمز تي ڪم ڪيو.