اسلام آباد: ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي، اڳوڻي نگران ناڻي وزير شمشاد اختر جاچ ڪاميٽي وٽ پيش نه ٿي، ڪاميٽي ڪالهه کيس طلب ڪيو هو. هوڏانهن جاچ ڪاميٽي سربراهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، پڌرائي موجب دستاويزن ۽ انگن اکرن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ڪنهن حڪومتي، سياسي يا سرڪاري شخصيت کي طلب نه ڪيو ويو هو، نه ئي ڪاميٽي وزيراعظم سان ڪا ملاقات ڪئي آهي، رپورٽ اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي، شروعاتي رپورٽ به ڪنهن کي پيش ناهي ڪئي وئي.