لاهور (م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي مريم نواز تسليم ڪيو ته اهي بوزدار حڪومت کي نٿا ڪيرائڻ چاهين، اندر جون ڳالهيون کُلي سامهون اچي ويون ته اهي حڪومت ڪيرائڻ نٿا چاهين. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته ڊسڪا ٽو جا الزام سراسر بي بنياد آهن، اين اي 249 ۾ چونڊ شفاف هئي، رڳو اسان ئي کٽيون ان جو علاج ته ڪنهن وٽ ناهي، پنهنجي شڪست کي نه مڃڻ مناسب ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جا ساٿي اسان سان گڏ هجن ها ته عمران خان مان جان ڇڏائي چڪا هجون ها، قوم کي اپوزيشن جماعتن مان اميدون آهن، اپوزيشن کي گڏيل ذميواري نڀائڻ گهرجي ۽ حڪومت کي جلد کان جلد گهر موڪلڻ گهرجي، ن ليگ ساٿ ڏئي ته اسان جي منزل آسان آهي.