لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان جاري بيان ۾ عثمان بوزدار چيو ته مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته لاهور، ننڪانه صاحب ۽ ملتان ۾ مزدورن کي 1296 فليٽ الاٽ ڪيا ويا آهن، اهو تحريڪ انصاف حڪومت جو مزدورن لاءِ تحفو آهي.