مدئجي (ن پ ا) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حدڳوٺ عزيزالله ڪيهر تي ڳاهيجا، نئون امروٽ ۽ سلطان ڪوٽ سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس  چڙهائي ڪئي، جوابدار هٿ نه اچڻ تي هٿين خالي موٽي وئي،ڳوٺاڻن عبدالوهاب ڪيهر، سهراب ڪيهر، ملڪان خاتون، نواب خاتون ڪيهر، اياز ڪيهر احتجاج ڪندي دانهيو ته ڏوهاري نه پر رضوان ڪيهر جا هاري آهيون.پوليس گهرن ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪرڻ بعد پيل اناج،هنڌ بسترا،سولر پليٽون،ٿانو ۽ فصل لاءِ رکيل ڀاڻ پڻ کڻي وئي آهي.هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳاهيجا جو چوڻ هوته مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهارين جي گرفتارين لاءِ ڪارروائي ڪئي جتان جوابدار هٿ نه اچڻ تي هٿين خالي موٽي آيا آهيون.