باھو کوسو (ن پ ا) باھو کوسو لڳ آر ڊي 44 ٿاڻي جي پوليس شاھي واھ وٽ ڪارروائي ڪندي باھو کوسو ٿاڻي جي اشتھاري ڏوھاري محمد اسماعيل ولد شير  علي ڪنڊراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن بعد آر ڊي 44 ٿاڻي جي پوليس اشتھاري ڏوھاري کي باھو کوسو پوليس حوالي ڪيو ويو آھي باھو کوسو پوليس موجب محمد اسماعيل ڪنڊراڻي تي 3 ڪيس باھو کوسو ٿاڻي تي داخل آھن جنھن ۾ ھو اشتھاري ڏوھاري آھي جيڪو پوليس کي ٻن سالن کان گھربل ھو.