هالا(ن پ ا)  پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڳوڻي صدر مخدوم محمد امين فهيم جي 7 ورسي هالا ۾ ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي مٽياري ضلعي ۾ عام موڪل ڪئي وئي، ورسي جي موقعي تي درگاهه سرور نوح رح تي قرآن خواني ڪئي وئي جنهن ۾ مٽياري ضلعي جي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي، مخدوم جميل الزمان پنهنجي والد مخدوم امين فهيم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي.  مخدوم جميل الزمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم امين فهيم پاڪستان جي اهم سياسي شخصيت هئا اهي نهايت نفيس انسان هئا جيڪي پنهنجي وطن ۽ پارٽي سان وفادار رهيا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏن سبب ٿيل تباهيءَ سبب هن سال مخدوم امين فهيم جي ورسي سادگيءَ سان ملهائي پئي وڃي، ٻئي پاسي مخدوم امين فهيم جي 7 ورسي ۾ پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ شرڪت نه ڪئي ورسي جي موقعي تي ضلعي حڪومت سڄي مٽياري ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو هو ورسي جي چادر چاڙهڻ واري تقريب جي موقعي تي چيف خليفو سيد نور محمد شاهه، محمد خان جوڻيجو،اسلم پيرزادو، مير مسرت جعفري، عطا محمد جوڻيجو، ممتاز شاهه، سيد خاور شاھ، بابوهمپوٽو، ڊاڪٽر عبدالستار مير ميمڻ، رياض توڪل ميمڻ،رجب علي ساند، آصف ڪاڪا، ۽ ٻيا موجود هئا.