حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اسريٰ يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر حميد الله قاضي، وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ولي الله قاضي ۽ رجسٽرار روشن علي ڀٽي خلاف داخل جعلي ڊگري واري ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. ڊي ايس پي سراج الدين لاشاري کي 7 آڪٽوبر 2022ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حڪم ڏنو هو ته معاملي جي جاچ ڪري وائيس چانسلر ڊاڪٽر نظير اشرف لغاري جي پٽ ايم ڊي زيد لغاري ڪجهه عرصو اڳ هٽڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر حميد الله قاضي ۽ ٻين شاگرد کي جعلي ڊگري جاري ڪئي آهي جنهن تي پوليس ڊاڪٽر حميد الله قاضي کي گرفتار به ڪيو هو. جاچ رپورٽ ۾ جاچ آفيسر ڄاڻايو آهي ته ڊگري اصل حقدار کي ملي هئي جڏهن ته ڪيس ٻنهي گروپن ۾ يونيورسٽي جي انتظامي معاملن تي هلندڙ تڪرار جو نتيجو آهي ۽ ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي. ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل معاملو سول نيچر جو هو پر ان کي فوجداري ڪيس بڻايو ويو. ڪيس کي سي ڪلاس ۾ خارج ڪيو وڃي. هوڏانهن جنوري 2022ع دوران هٽڙي ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تحت داخل ڪيس ۾ لاڳاپيل عدالت يونيورسٽي تي حملي وارو ڪيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي چانسلر ڊاڪٽر حميدالله قاضي ۽ ٻين جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو موجب ته عدالت فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪيس دهشتگردي جي عدالت ۾ هلي ته جيئن واقعي بابت حقيقتون سامهون اچن ته يونيورسٽي تي حملي ۾ ڪير ملوث آهي واضح رهي ته يونيورسٽي تي حملي دوران پاڻ کي وائيس چانسلر سڏرائيندڙ ڊاڪٽر اشرف لغاري ڄاڻايو هو ته حملو قاضي ڌر جي ماڻهن ڪيو آهي جڏهن ته يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر حميدالله قاضي پاران اهي الزام هنيا ويا ته حملي ۾ ڊاڪٽر نظير اشرف ۽ سندس ساٿي ملوث آهن.