موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو ۾ ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي بيحرمتي وارو مامرو، ٽئين جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، مک جوابدار ضمانت تي آزاد. خبر موجب پنج ڏينهن اڳ سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو جي اسٽوپا آڳيان رکيل ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي بيحرمتي جو ٽن جوابدارن خلاف ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ٻن جوابدارن گل محمد عرف گلڻ هليو ۽ سندس پٽ تعمير حسين کي گرفتار ڪيو ويو هو، ڪالهه عدالت مک جوابدار گل محمد عرف گلڻ هليو جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جنهن بعد جوابدار کي آزاد ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي جي ٽئين جوابدار جاويد اهير کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته آزاد ٿيل جوابدار پاڪ ڪتاب کڻي ميڙ وٺي ثقافت کاتي موهن جو دڙو آفيس پهتو، جتي هن آفيسرز کان غلطي جي معافي ورتي.