ممبئي (دلچسپ نيوز) شاديءَ جي موقعي تي ننڍين ننڍين ڳالهين کي معاف ڪيو ويندو آهي پر ڪجهه ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ننڍين ڳالهين کي به وڏو بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ اهڙو ئي واقعو ڀارت ۾ پيش آيو آهي. اهڙو واقعو ڀارتي رياست بهار ۾ پيش آيو، جتي گهوٽ راج ڪمار شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته شاندار استقبال ڪيو ويو. شادي جون رسمون کانپوءِ ماني جو وقت ٿيڻ باوجود ماني نه کولي وئي، جنهن تي گهوٽ ناراض ٿي پنهنجي پيءُ کي شادي روڪڻ جو چيو، گهوٽ جي اهڙي حرڪت تي شادي ۾ افراتفري مچي وئي. شادي ۾ موجود علائقي جي معززين معاملي کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهوٽ کي گهرايو، جنهن تي معلوم ٿيو ته گهوٽ اڳ ۾ ئي پنهنجي شادي اڌ ۾ ڇڏي تقريب مان هليو ويو آهي. واقعي کانپوءِ گهوٽ جي گهرڀاتين ڪنوار جي والدين طرفان مليل سمورا تحفا واپس ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ڪنوار جي پيءُ پوليس ۾ واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي.