لاھور: ناياب قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، پوليس کي شڪي شخص جي وڊيو ملي وئي

0
258

لاھور (شوبز نيوز) ڊفينس ۾ قتل ٿيل ماڊل ناياب جي قتل ۾ اھم اڳڀرائي ٿي آھي، پوليس جو چوڻ آھي تھ ناياب جي گھر جي ويجھو شڪي شخص جي وڊيو حاصل ڪري ورتي آھي، جنھن کي نادرا ڏانھن فرانزڪ جي لاءِ موڪليو ويو آھي، پوليس موجب وڊيو ۾ موجود 30 کان 35 ورھين جي شڪي شخص پاجامو پھريل آھي، شڪي شخص کي صبح پنج لڳي 26 منٽن تي گھر جي ويجھو ڏسي سگھجي ٿو، پوليس موجب 29 ورھين جي ماڊل کي ڳلو دٻائي قتل ڪيو ويو.