لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ فيصل ڪالوني واسين پاڪ ڪتاب کڻي بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پورهيت عبدالستار مڱڻهار زال شريفان خاتون، ننهن بابرا خاتون، پٽ صدام مڱڻهار ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڪجهه سال اڳ فيصل ڪالوني جي خالي پلاٽ ۾ جهوپڙي ٺاهي ٻارن سميت رهان ٿو جتي پاڙيسري وڏيرو عبدالغني مينگل منهنجي شادي شدهه ڌيءَ ٻن ٻارن جي امڙ افروز زال صدورو جو سڱ پنهنجي خانگي گارڊ ڪاشف لاءِ گهري رهيو آهي، هن الزام هنيو ته بااثر خانگي گارڊن هٿان کنڀرائي بنگلي تي باندي بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن نياڻي جو سڱ نه ڏنو ته کيس نقصان پهچائيندو، هن معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي.