ھنڱورجا(ن پ ا ) هنڱورجا ۾ ميرڪ مائينر جي کاٽي نه ٿيڻ، پڇڙي ۾ پاڻي نه پھچڻ ۽ پاڻي وڪرو ڪرڻ خلاف آبادگارن ۽ ھارين پاران محمد حسن سيال، علي حيدر سيال، الفت سھتو ۽ فريد سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سمي سڳيون لنڪ روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو. احتجاج ڪندڙ آبادگارن بعد ۾ ڪئمپ تي پھچي علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن ۽ ھارين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽن سالن کان شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ سبب شاخ مٽي ۽ گندگاهه سبب لٽجي وئي آھي جنھن سبب پڇڙي ۾ پاڻي نه ٿو پھچي ھنن چيو ته آبپاشي ڪامورا منڍ جي آبادگارن کي غيرقانوني پاڻي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا. ھنن چيو پاڻي نه ھجڻ ڪري اسان جا پوکيل فصل سڙي سڪي تباھ ٿي رھيا آھن ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن شاخ جي کاٽي نه ڪرائي وئي ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.